غلام قادر شيخ

غلام قادر شيخ: نامور راڳي غلام قادر ولد جيئند خان شيخ، 1956ع ڌاري ڳوٺ اڄڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو، پوءِ لڏپلاڻ ڪري سندس خاندان مدئجي ڀرسان ڳوٺ ڳاهيجا، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڪجهه عرصو رهيو، جتي هن ٻه درجا تعليم حاصل ڪئي. سندس والد پنهنجي وقت جو نامور راڳي هو. هن کي ان ڪري راڳ ورثي ۾ مليو. راڳ سندس خانداني پيشو ۽ روزگار جو ذريعو هو، تنهنڪري کيس نون سالن جي ڄمار ۾ مسوديري جي مڱڻهارن وٽ راڳ جي سکيا لاءِ ڇڏيو ويو، جتي هن ڇيرون پائي نچڻ سان گڏ راڳ جي ابتدائي سکيا ورتي. سندس ابتدائي استاد غوث بخش مڱڻهار هو، جنهن کيس ڳانو ٻڌي پنهنجو شاگرد ڪيو، جنهن بعد هن پنجن سالن تائين پنهنجي والد ۽ چاچي محمد عالم شيخ وٽ ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ورتي ۽ شادين توڙي ڳوٺاڻن پروگرامن ۽ درگاهن تي ٿيندڙ ميلن تي ڳائڻ لڳو. 1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ جڏهن سنڌي راڳ، آڊيو ڪيسٽن ذريعي متعارف ٿيڻ لڳو ته لوڪ فنڪار پراڊڪشن لاڙڪاڻي پاران سندس لڳاتار 8 آڊيو البم جاري ڪيا ويا، جنهن سبب کيس سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي شهرت ملي. غلام قادر شيخ هن وقت تائين سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن ميلن ۾ ڳائي چڪو آهي. کيس ثقافتي پروگرامن ۽ شادين ۾ تمام گهڻو ٻڌو ويندو آهي. هن ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي فن جي سکيا پڻ ڏني آهي ۽ ڪيترائي اوارڊ پڻ ماڻيا اٿس. غلام قادر هن وقت نئين ديري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ غلام قادر شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو